Wednesday, May 22, 2019

پنجابي طالبان سنڌ کي دنيا جي نظر ۾ مذهبي انتهاپسند قرار ڏيڻ چاهن ته جيئن سندن دنيا ۾ دهشتگردي وارا ڪڌا ڪرتوت سنڌ مٿان اچن، ۽ سندن پنجابي طالبانيت شناخت ۽ دهشتگرديء جو نيٽورڪ لڪي وڃي

 ذوالفقار شاھ

 

ڪجھ سال اڳ سنڌي شاگردياڻي نورين لغاري جيڪا لياقت ميڊيڪل يونيورسٽيء ۾ پڙهندي هئي تنهن جي، اخبارن موجب، هڪ  ناواقف مرد سان انٽرنيٽ چيٽنگ ٿي. ڪجھ ڏينهن ۾ هوء يونيورسٽي مان غائب ٿي وئي. مائٽن جي ڳولها تي سنڌ پوليس ۽ سنڌ حڪومت جي مدد سان سرڪاري ادارن لاهور جي هڪ گهرتي ڇاپو هڻي کيس ۽ سندس مڙس کي گرفتار ڪيو. جنهن مان خبر پئي ته نورين شادي کان پوء سندس مڙس سان گڏجي عراق ۾ دائش جي هق ۾  جنگ وڙهندي. هو رڳوانا  ٿيڻ وارهئا ته سندن مٿان ڇاپو لڳو ۽ گرفتار ٿيا.

 

تازو ئي اخبارن موجب سنڌ يونيورسٽيء جي ڪجھ شاگردن تي دائش هجڻ جو الزام مڙهيو ويو آهي.  هي اها ساڳي ئي سنڌ ييونيورسٽي آهي جتي ڏهاڪن کان هندو ڏڻ هولي هندو ۽ مسلمان گڏجي ملهائيندا آهن. 2017 ۾ اخبارن موجب  سنڌ يونيورسٽيء جا هندو ۽ مسلمان شاگردن گڏجي هولي ملهائي جنهن ڪري پنجابي طالبان، دائش، القائدا ۽ اهڙي ٻي دهشتگردي ڪرائيندڙ اسٽلشمينٽ جي چوڻ تي  کين گرفتار ڪيو ويو ۽ ڪيس داخل ڪيا ويا. کانئن زوري معافي ناما لکرايا ويا، جنهن ڪري سائين بدر سومري صاحب بدنامي حاصل پڻ ڪئي ۽ شيطان فقير پڻ سنڌين سامهون ٿيا پر شاگردن جي پڙهائي متاثر ٿي. ان کان ڪافي وقت اڳ پاڪستا پنجابي رينجرس هولي ملهائڻ تي سنڌي شاگردن تي تشدد ڪيو.

ڪجھ سالن کان مون دهليء ۾ آء ايس آء ۽ ايم آء پاڪستان ۾ موجود ڪجھ القائدا، دائش، طالبان، سندن همدردن ۽ ٻين جي تفتيش ڪئي جنهن دوران آء ايس آء، ايم ء پاڪستان، سي آء اي آمريڪا ۽ رانڊيا جا آفيسر پڻ موجود هئا، جنهن ۾ ثابٽ ٿيو آهي ته پاڪستان جي فوجي اسٽيبلشمينٽ ۽ ايجنسيون طالبان، القائدا، دائش، ڪشمير ۾ دهشتگردي ڪندڙ پنجابين جي مائون آهن. ان تفتيش جو پلاند پاڙڻ لاء انهن دٻاء ذريعي ۽ زبردستي سنڌ ۽ بلوچستان اسيمبليء مان ڪشمير بابت قرارداد پاس ڪرائي ۽ سنڌ اسيمبليء جو اقتدار اعلي جو گهيراء ڪري سندن اقتداراعلي ساورانٽي ۽ عوامي يڪراء کي صلب ڪيو.

پاڪستاني فوج جي حمايت رکندڙ وزيراعظم عمران خان سنڌ حڪوت کي ڪجھ مدرسن بابت ڄاڻ ڏني جن تي سنڌ حڪومت ڪارروائي ڪئي. جيتوڻيڪ طالبان، دائش، القائدا ۽ ڪشمير ۾ دهشتگردي ڦهلائڻ ۽ ويڙھ ڪرڻ جي تربيت وارا مرڪز ۽ مدرسا  پاڪستاني پجاب ۾  آهي، اهڙا مرڪز ۽ مدرساسرا.ئڪي، خيبرپختونخواه ، بلوچستان ۽ سنڌ تي مڙهيا ويا آهن.

پاڪستان ۾ اهڙن مدرسن ۾ لڳ ڀڳ پنجابي طالب ۽ مجاهد آهن جيڪي دهشگردي ڪندا آهن. گڏوگڏ منهنجي تحقيق جي پلاند ۾ سنڌ جي ورهاست جو پڻ سانگ رچايو ويو، جيڪو پاڻ مرادو ختم ٿيو ۽ آخر ۾ وڏي طاقت جي حڪم تي گورنر سنڌ، سنڌ کي ورهائڻ جي گالھ ڪئي. تازو ئي سنڌ پوليس ايڪٽ سنڌ هاء ڪورٽ جي زور ۽ حڪم تي وقت کان اڳ آئين جي الٽ پاس ڪيو ويو جنهن تحت وفاق کي ٽن آفيسرن جا آءجي سنڌ ٿيڻ لاء نالا ڏيندو جن مان سنڌ سرڪار هڪ چونڊيندي . جيتوڻيڪ  هاڻوڪي پاڪستاني آئين، جيڪو هڪ غير آئين سازا سيمبليء ذوالفقار ڀٽي شهيد جي دور ۾ بنايو،  سنڌ پوليس ايڪٽ جي مٿي بيان ڪيل شڪ هاڻوڪي آئين ۽ آل انڊيا مسم ليگ  جي  1940  قرارداد جيڀڃڪڙي آهي.  موجوده پاڪستاني آئين ۾ پوليس ڀلي بارد جي هجي، جيئن رينجرس وغيره آهي، اهو  صوبائي کاتوآهي. اهو ئي سبب آهي گهرو معاملن لاء صوبائي وزير، ۽ وفاقي  معاملن لاء اندرواني ئ انٽيرير وزير آهي. 

 

   حقيت آهي آهي ته پنجابي پنهنجو پاڻ کي ۽ پنجاب جي شناخت، پهنجي ۽ پنهنجي عالمي دهشتگردي کي لڪائڻ لاء ٻين صوبن ۾ لڪ ڪري پنهنجو بڇاء ڪن ٿا. هو عالمي دهشتگردي جي دائي آهِن. اهو ئي سبب آهي ته سنڌ ۽ بلوچستان  اسيمبليء زورزبدستي ذريعي سنڌ ۽ پلوچستان  اسيمبلين ڪشمير تي قرارداد پاس ڪرائي وئي ۽ سنڌ اسيمبليء کي ٻڌايو ويو ته وفاق  پاڪستان سنڌ حڪومت جي معلاملن کي پاڻ هلائيندو. ايئن هنن پنجابي شناخت، پنجابي   نوڪريون ۽ دهشتگرديء جي نيٽورڪ کي پچايو. تازو ئي سنڌ يونيورسٽيء ۾ ڪجه شاگرن تي دائش جو الزام لگايو آهي ته جيئن پنجابي دنيا صاف شفاف نظر اچن.

تنهنڪري نورين لغاريء جي معاملي جي ٻيهر سنڌي پوليس ۽ يورپين يونين جا جاچ عملدار گڏجي ٻيهر تحقيقٿيڻ ڪن.  

 

هتي مان اهو ذڪر ڪندو هلندس ته سن 2007 ڌاري جساف جي هڪ ڪارڪن اختر مون کي ٻڌايو ته سنڌ يونيورسٽيء ۾ ڪي شخص طالبان ۽ القائده لاء ڀرتي ڪرڻ آيا آهن ۽ جساف ڪارڪن انهن سان وڙهڻ چاهن ٿا. مون چيو ته موچڙا ڪري يونيرسٽيء نيڪالي ڏيون. هنن ايئن ڪيو. اختر۽ سندس ساٿين کي گرفتار ڪيو ويو.

حقيقت ۾  منهنجي طالبان. القائده ۽ طالبان تي عالمي تفشيس جي سبب سنڌ  اسيمبليء، حڪومت ۽ سنڌ چيف منسٽر جي اقتدار اعلي کي 2018 جي وچ ڌاري بنا جهيڙي جي گهراء ڪيو ويو آهي.

اچو ته اتر سنڌ جي مسلمان ۽ هندو معصوم ٻارن کي بڄايون جيڪي اغوا ڪري خودڪش بمبار ۽ فدائين وغيره ڪيا وڃن ٿا، جن کي اغوا ڪرائڻ ٽ آء ايس آء جي ال شعبي جو مرڪز ڪنڌ ڪوٽ ۾ آهي.

اهو سڀ ڪجه چوڻ وقت مان انساني حقن بابت تفيش ڪندڙ شخص آهيان.

 

 انساني حقن جو تفتيشڪار ۽ عالمي امن جي گڏيل ڪوششن ۾ پڻ سنڌ جي پاران پڻ شامل آهيان.         

 

 

 

 

       

No comments:

Post a Comment