Friday, June 21, 2019

سنڌ جي اها ڏاهپ جنهن دنيا تي پنهنجا اثر ڇڏيا آهن

 

جناح، جي ايم سيد ۽ سورھيه بادشاھ سڄي ڏکڻ ايشيا جي تاريخ جا گڏيل هيرو ڪيئن آهن؟

چيني صدر زي جپنگ سنڌ جي تاريخي سلڪ روٽ ـ ون بيلٽ ون روڊ کي پنهنجو ڄاڻائي چيني ڪميونسٽ پارٽيء ۾ مائوزيتنگ جو درجو حاصل ڪيو؟

 

پاڪستان اڄ عالمي سطح تي ۽ پاڪستان اندر دهشتگردي جي اڏي طور ۽ غيرمسلم خلق کي نقصان ڏيڻ لاء مشهور آهي. نه پاڪستان ۽ نه ئي ان جي رياستي نظام کي پاڪستان جي باني محمد علي جناح، سندس آل انڊيا مسلم ليگ ۽ سنڌ مسلم ليگ جي تصور تحت اهڙي ٿيڻو هيو. 1940 جي قرارداد جي جناح صاحب جي پاڪستان واري تصور موجب پاڪستان کي يورپين جيان ننڍي کنڊ جي مسلم اڪثريتي ملڪن جي يونين ٿيڻو هيو.  بدقسمتيء سان انهن ملڪن کي پاڪستان ۾ صوبن جو نالو ڏنو ويو آهي.يورپين يونين جڙڻ کان لڳ ڀڳ 60 سال پهرين سنڌي جناح جو تصور يورپين يونين جي طرز جو پاڪستان بنائڻ هيو.  جناح صاحب جو اهڙو تصور 23 مارچ 1940 ۾ آل انڊيا مسلم ليگ جي ڪنوينشن ۾ يڪراء ٺهراء بحال ڪيو ويو. ٺهراء جو متن پيش ڪجي ٿو ـ

 

"اهو  ٺهراء بحال ڪجي ٿو ته آل انڊيا مسلم ليگ جي هن اجلاس جو ويچاريل موقف آهي ته نه ته هن ملڪ (هندستان) ۾ ڪو آئيني پلان ڪارگر آهي نه ئي مسلمانن کي قبول آهي، جيستائين اهو هنن بنيادن ته اتر اولھھ  (هاڻوڪو پاڪستان) ۽ اڀريندي (هاڻوڪو بنگلاديش) (برطانوي سامراج واري )هندستان مان نئين سر سرحدي جوڙجڪ ڪري تعداد ۾ مسلم اڪثريتي علائقن صوبن جو گروپ ٺاهي   آزاد  ۽ جدا ملڪ  قائم ڪيا وڃن.

 

ان خطي جي گروپ جي انهن ملڪن جي آئينن ۾ اقليتن جي تحفظ لاء گهربل، موءثر ۽ لازم  مذهبي، ثقافتي، معاشي، سياسي تحفظ ۽ ٻيا حق انهن سان مشورت ذريعي  يقيني بنايا وندا ۽ گڏوگڏ باقي هندستان جي مسلم اڪثريتي هنڌن تي پڻ ايئن ڪيو ويندو."

 

 اهو دنيا ۾ گڏيل قومن کان پوء پهريون علائقائي يا کنڊ جي گروپ جي شڪل ۾ ڳانڍاپي جو سطح جو پهريون تصور هيو. جڏهن ته جناح جو ساٿي جي ايم سيد ڀارت ۾ برطانوي سامراجي شهنشاهت خلاف پهرون سياستدان هيو جنهن پهريون ڀيرو ڪنهن پارلييمينٽ، جيڪا سنڏ اسيمبلي آهي، ۾ سنڌ جي برطانوي راج کان ٻاهر آزاد ۽ الڳ ملڪ هئڻ جو  ٺهراء  پيش ڪيو جنهن تحت سنڌ آزاديء ۽ الڳ ملڪ  هجڻ جو اعلان ڪيو. ڏکڻ ايشيا جي تاريخ جو اهو پهريون عظيم ڪم تاريخ جي لکت ۾ نه آيو آهي. سنڌ برطانوي شهنشاهت جو اهو پهريون ۽ اڪيلو صوبو سڏيو ويندڙ ملڪ هيو جنهن پنهنجي پارليامينت ذريعي برطانوي سامراجي شهنشاهت کان علحدگيء جو اعلان ڪيو ۽ دنيا ۾ آمريڪا کان پوء ٻيو اهڙو ملڪ هيو. ان ڳالهه جو اسان جي انساني تاريخ ۾ ڪٿي به ذڪر موجود ڪونهي.

سنڌ اسيمبليء جو اهو تاريخي  ٺهراء هت ڏجي ٿو ـ

 

.               ."


هي هائوس حڪومت کي، محترم وائسراء (هند) کي هن صوبي جي مسلمانن جي جذبن ۽ 
خواهش بابت آگاه ڪري ٿو ٿو ته جڏهن هندوستان جا مسلمان هڪ جدا قوم آهن، 
مذهب، فلسفي، سماجي رواج، ادب، ريتن، سياسي ۽ معاشي نظريات تحت اهي هندن 
کان بلڪل مختلف آهن، تنهڪري انهن کي الگ قوم تسليم ڪيو وڃي ۽ جتي به ننڍي 
کند ۾ مسلم اڪٿريتي صوبا آهن انهن کي آزاد، خودمختيار ۽ جداگانا قومي 
رياستون سمجهيو و ڃي.. 

مسلمان اڪٿرتي صوبا (برطانوي) مرڪزي حڪومت ۽ ڪنهن به ٻي قوم جو غلبو قبول نه ڪندا.س 
ان ڳالهه کان مرڪزي سرڪار جو انڪار تباهناڪ جنگ جو سبب بنجي سگهي ٿو.

 

. "(سنڌ اسيمبلي قانون سازو، آفيسر جي رپورٽ ، جلد نمبر XVII-No.6، اربع 3 مارچ، 1943، www.pas.gov.pk تي ڪراچي)

 



ان قرارداد جي پهرين پيراگراف ۾ برطانوي هند ۾ سنڌ سميت سڀني مسلم 
اڪٿريتي صوبن جي جداگانا ملڪن جي حيثت جي گهر ڪيل آهي. جئين سنڌ قانون 
ساز اسيمبليء جي پارليامياني ميمبرن ان سائين جي ايم سيد پاران پيش ڪيل 
ان ٺهراء تي بحث ڪندي لفظ "پاڪستان" ۽ آل انڊيا مسلم ليگ "1940 واري 
قرارداد" جو پڻ ذڪر ڪيو

لفظ" پاڪستان "پهريون ڀيرو هڪ سنڌيء سنڌ قانون ساز اسيمبلي جي هندو 
ميمبر مسٽر نيچالالس وزيراڻي ايجاد ڪيو. تنهن ڪري لفظ پاڪستان هڪ سنڌي 
هندوء پاران ڏنل آهي، بدقسمتي سان، پاڪستان ۾ سنڌي هندو ٻين مذهبي اقليتن 
وانگر مظلوم آهن. سنڌ ۾ هڪ نسل ڪشي جاري و ساري آهي، هندو پڻ نسل ڪشيء جو 
شڪار آهن. ان کان علاوه خان بهادر محمد ايوب کهڙو 1940 واري لاهور 
واري قرارداد، جنهن کي اڄ پاڪستان قراداد پڻ چيو وڃي ٿو، اسيمبلي ۾ بحث 
دوران ذڪر ڪيو. . 

گڏوگڏ سنڌ، سنڌ آرمي جنهن کي "حُر" سڏيو وڃي ٿو، 1942ـ1943۾ پيرپاگاري سورهيه  بادشاهه جي رهبري ۾ بي مهاڀاري لڙائي ۾ ايڪسز ملڪن سان اتحاد ۾ وڙهي ساڳي ريت انڊيا  انڊين نيشنل آرمي نيتاجي سڀاش چند پڻ ايسز ملڪن سان اتحاد ۾ ٻي مهاڀاري لڙائي  وڙهي . مولانا عبيداالاهه سنڌي جيڪو اصل ۾ پنجابي نسل جو هو، ۽ بعد ۾ سنڌي ٿي سنڌ وسايائين، آزاد هند جلاوطن حڪومت جيڪا ڪابل افغانستان ۾ قائم ڪئي و.ي هئي، تنهن جو اڳواڻ هيو. ڏکڻ ايشيا جي ان تاريخ کي ان طرح ۽ مڪمل طور نه لکيو ويو. برطانوي سامراج ۽ سنڌ جي جنگ ۾ سنڌ ضلعي سانگهڙ کي گهٽ ۾ گهٽ هڪ سال لاء آزاد ڪرائي اتي حڪومت،  عدالتي نظام ۽ ٽيڪس سسٽم لاڳو ڪيو وي. بعد ۾ برطانيا سامراج ڳن کي واپس فتح ڪيو.

 

اڄڪلهه چين طرفان سلڪ روٽ ـ ون بيلٽ ون روڊ پلان روڊ، ريل ۽ سمنڊ ذريعي 60 ملڪن سان ڳنڍبو جنهن تي 4 کان 8 کرب لاڳت ايندي. چيني صدر زي جپنگ ڪوڙي دعوا ٿو ڪري ته اهو راهداري نيٽورڪ "چين جي تاريخي" سلڪ روٽ ئ شاهراه ريشم جو تسلسل آهي.

 

تاريخ ۾ سلڪ روٽ  ـ شاهراهه ريشم سنڌ جو آهي جيڪو صدين تائين روس، چين، انڊيا، افغانستان، سينٽرل ايشيا، عرب ملڪ ۽ايران، آفريڪا، ڏور اوڀر ۽ يورپ جو ڪاروبار سنڌ مان درياء ۽ سمنڊ ذريعي ٿيندو رهيو آهي.

پاڪستان  جي اڳوڻي وزيراعظم شهيد بينظير ڀٽو، هڪ سنڌي، پنهنجي ڌرتيء تان پنهنجو تاريخي ڪاروباري رستو 1996 ڌاري بحال ڪرڻ چاهيو. ان پلان جو نالو ڪيٽي بندي رٿا رکيو ويو. پر پنجابي فوجي طاقت کيس ايئن ڪرڻ نه ڏنو هيو.ڪي ڪري ون بيلٽ ون روٽ جو ڳعلان ڪيو، جنهن سبب کيس چيني ڪميونسٽ پارٽي مائيزيتنگ جو درجو ڏنو.     

 

ا